سنڌو منهنجي ساهه ۾

سنڌو منهنجي ساهه ۾

سنڌو منهنجي ساهه ۾

سنڌو منهنجي ساهه ۾ (ڪتاب): هي ڪتاب نامياري ليکڪ امر جليل جو تحرير ڪيل آهي، هن ڪتاب جو مهاڳ ’نئون مهاڳ‘ جي عنوان سان ليکڪ جو لکيل آهي، جنهن ۾ هن لکيو آهي ته: ”مان سنڌوءَ جي ڪري آهيان، منهنجي تحرير کي مقصد ۽ مقصد کي منصب سنڌوءَ ڏنو آهي.“ هن ڪتاب ۾ ليکڪ هر ڪالم کي ڪهاڻين وانگر عنوان ڏنا آهن، هن ڪتاب ۾ ٻيا ليک ۽ مختصر ڪهاڻيون چئن حصن ۾ ورهايل آهن، جن ۾ ’ٽٽل آئيني جو عڪس‘، ’چينو‘، ’پيهي منجھه پاڻ‘ ۽ ’سنڌو منهنجي ساهه ۾‘ شامل آهن. هن ڪتاب جي هر حصي ۾ هڪ ئي خيال ۽ تـاثـر واريـون ڪهاڻيون ڏنيون ويون آهن. ڪتاب جي ڪهـاڻين واري پهرين حصي ۾ 21 ڪهاڻيون ڏنيون ويون آهن، جيڪي انهن انسانن بابت لکيون ويون آهن، جيڪي حالتن هٿان چچرجي ۽ مري وڃڻ کانپوءِ به تاريخ ۾ زندهه رهندا آهن. ٻئي حصي ۾ ڪل 17 ڪهاڻيون ۽ مضمون، ٽئين حصي ۾ 19 ۽ چوٿين حصي ۾ 20 ڪهاڻيون ۽ مضمون شامل آهن.
خوبصورت، رنگين ٽائيٽل ۽ پڪي جلد سان هي ڪتاب 184 صفحن تي مشتمل آهي، هي ڪتاب 1999ع ۾ روشني پبليڪيشن ڪنڊياري پاران ڇپيو، ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب جي قيمت 100 روپيا ڄاڻايل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو